نيويارڪ (آن لائن) آمريڪي جيوري ڊاڪٽر عافيه  صديقي کي ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر عافيه تي آمريڪي عدالت ۾ 7 الزامن تحت ڪيس هلندڙ هو.جيوري کيس سمورن الزامن ۾ ڏوهاري قرار ڏنو . ياد رهي ته کيس مارچ 2003 ۾ ٻارن سميت ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو هو . جنهن بعد هوءَ 3 سالن تائين افغانستان ۾ بگرام ايئر بيس تي قيدي نمبر 650 بڻي رهي .مٿس 19 جنوري 2010 کان امريڪي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪئي وئي هئي. ايف بي آءِ طرفان پيش ڪيل مبينه رائيفل طلب ڪري ورتي. جيوري جج کي هڪ نئون سوال به موڪليو آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر عافيه جي بيان ۾ تضاد جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب ڊاڪٽر عافيه صديقي جي وڪيلن پاڪستاني حڪومت کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته هاڻي ڊاڪٽر عافيه جي حق ۾ فيصلي اچڻ جا امڪان ناهن.