ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار واهوچو/م ڊ)رات دير گورنر هائوس مان جاري ٿيل پڌرائي مطابق پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ متحده قومي موومينٽ وچ ۾ جاري ڊيڊ لاڪ ختم ٿي ويو آهي. متحده جا ميمبر بائيڪاٽ ختم ڪري اڄ سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندا، نجي ٽي وي  مطابق: ٻنهي پارٽين پنهنجن اختلافن کي ڳالهين ذريعي نبيرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي.ان سلسلي ۾ وزير اعظم گيلاني جي الطاف حسين سان ٽيليفونڪ رابطي اهم ڪردار ادا ڪيو. ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ پيدا ٿيل اختلافن ۾ گهرو معاملن واري وفاقي وزير رحمان ملڪ جي ٽياڪڙي سان نرمي  اچي وئي، ڳالهين جي پهرين دور ۾ ڪو به نتيجو نه نڪرڻ بعد وڌيڪ ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ايم ڪيو ايم جو وفد اعليٰ قيادت سان ڳالهائڻ لاءِ سي ايم هائوس کان گورنر هائوس پهچي ويو، جتي هو گهرو وزير ۽ پ پ سان ٿيل ڳالهين کان گورنر کي آگاهه ڪندا ۽ ان کانپوءِ گورنر متحده جي سربراهه ۽ رابطا ڪميٽي سان ڳالهائي حتمي فيصلي بابت آگاهي وٺندو، ڳالهين جو ٻيو دور رات دير سان شروع ٿيندو، جڏهن ته متحده جي مطالبي تي شهر رينجرز جي حوالي ڪيو ويو آهي.ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن کي روڪڻ ۽ امن امان جي بحالي لاءِ رينجرز کي سڄي شهر ۾ ڪارروائي جا اختيار ڏنا ويا آهن، وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ، گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ متحده جي وفد سان ملاقات کانپوءِ سي ايم هائوس ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ملاقات ڪري ڪراچي ۾ امن امان جي بحالي بابت ڳالهيون ڪيون، ان موقعي تي ڪراچي ۾ امن جي بحالي لاءِ رينجرز کي مڪمل اختيار ڏيڻ جو فيصلو ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن موجب رينجرز کي ڇاپا هڻڻ، گرفتاريون ڪرڻ ۽ هٿيار هٿ ڪرڻ لاءِ آپريشن ڪرڻ سميت امن امان جي بحالي جي حوالي سان قدم کڻڻ جا اختيار ڏنا ويا آهن، ان کانسواءِ ڪراچي ۾ هٿيار کڻي هلڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هٿيارن جي لاءِ جاري ڪيل اجازت ناما پڻ رد ڪيا ويا آهن، سي ايم هائوس ۾ ڳالهائيندي رحمان ملڪ چيو ته ايم ڪيو ايم جي مطالبي تي ڪراچي کي رينجرز جي حوالي ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ سمورا اختلاف ختم ڪرايا ويا آهن ۽ ٻنهي پارٽين ۾ اتحاد هر صورت ۾ برقرار رهندو، رحمان ملڪ چيو ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ ڪو به ڊيڊ لاڪ ناهي. جڏهن ته هر معمالي تي متحده کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. ان موقعي تي آءِ جي سنڌ پوليس، ڊي جي رينجرز سنڌم سي سي پي او ڪراچي ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر پڻ موجود هئا.