پاڪ فضائيه ۾ ايف – 16 جهازن جي شموليت سان هٿيارن جي نئين ڊوڙ شروع نه ٿيندي: ايئر چيف مارشل رائو قمر سليمان
جيڪب آباد (اي پي پي) هوائي فوج جي سربراهه ايئر چيف مارشل رائو قمر سليمان چيو آهي ته ايف – 16 جهازن جي پاڪ فضائيه ۾ شموليت سان هٿيارن جي نئين ڊوڙ شروع نه ٿيندي. انهن خيالن جو اظهار هن آچر ڏينهن شهباز ايئر بيس جيڪب آباد ۾ 3 ايف – 16 جهاز پاڪ فضائيه حوالي ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ۾ ڪيو. هن چيو ته اڄ هڪ خواب پورو ٿي ويو آهي، هي جديد جنگي جهاز نگراني، ڳجهي معلومات حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا ۽ انهن ۾ فضا ۾ ئي ٻارڻ حاصل ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته ايف – 16 جهازن ۾ جديد ترين اوزار نصب ٿيل آهن. جن ذريعي اونداهه ۾ هدف کي نشانو بڻائي سگهجي ٿو. ان موقعي تي آمريڪي ايئرفورس جي نادرن ايئر آفيسر جهاز پاڪ فضائيه جي سربراهه حوالي ڪندي چيو ته اڄ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعتماد جي شروعات جو ڏينهن آهي. ٻئي ملڪ دهشتگردي جو خاتمو چاهين ٿا. هن چيو ته پاڪستان آمريڪا جو بااعتماد دوست ۽ اتحادي آهي. هن چيو ته هي جنگي جهاز شدت پسندن خلاف ڪاررواين ۾ اهم اڳڀرائي ثابت ٿيندا.
Categories: Sindhi News Tags:
دهشتگردي جي لعنت جي مقابلي لاءِ گڏجي وڙهڻ جي ضرورت آهي، دهشتگردي سان ترقياتي عمل سان گڏوگڏ انسانيت، برداشت ۽ جمهوري قدرن کي به خطرو آهي: فاروق ايڇ نائيڪ
اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ انتهاپسندي ۽ دهشتگردي کي انسانيت جو گڏيل دشمن قرار ڏيندي چيو آهي ته سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ قوم کي گڏيل حڪمت عملي ۽ قدم کڻڻ سان هن لعنت سان مقابلي ڪرڻ جي ضرورت آهي، هو آذربائيجان جي گهرو وزير ايلمار محمد يارو سان ڳالهائي رهيو هو، جنهن گذريل ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. فاروق ايڇ نائيڪ وڌيڪ چيو ته دهشتگردي سان رڳو ترقياتي عمل متاثر ٿئي ٿو پر ان سان گڏوگڏ مساوات، انسانيت، برداشت، صبر ۽ جمهوري قدرن کي به خطرو آهي. هن چيو ته سڀ کان وڌيڪ افسوس جي ڳالهه آهي ته اهو سڀ ڪجهه مذهب جي نالي تي ٿي رهيو آهي، جڏهن ته حقيقت هي آهي ته ڪو به مذهب خاص ڪري اسلام اهڙي بربريت ۽ نسل ڪشي جي قطعي اجازت نٿو ڏي،
Categories: Sindhi News Tags:
ٿر جو ڪوئلو دنيا جو ٻيو وڏو ذخيرو آهي، ان جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون برداشت نه ڪنداسين، ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جون سازشون ناڪام بڻائي ڇڏينداسين، سڀئي قوتون گڏجي پاڪستان خلاف ڪم ڪندڙن کي ناڪام بڻائين: رحمان ملڪ
اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) گهرو معاملن جي وفاقي وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته ٿر جو ڪوئلو دنيا جو ٻيو وڏو ذخيرو آهي، ان جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽون برداشت نه ڪنداسين، ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جون سازشون ناڪام بڻائي ڇڏينداسين، سڀئي قوتون گڏجي پاڪستان خلاف ڪم ڪندڙن کي ناڪام بڻائين، مذهبي اڳواڻن کي امن جي قيام لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، قبضا مافيا خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، پنجاب حڪومت ۽ وفاق ۾ رابطن جو ڪو به فقدان نه آهي. ڪالهه سينيٽ جي اجلاس ۾ مختلف ميمبرن پاران اعتراض واري نقطي جو جواب ڏيندي وفاقي وزير رحمان ملڪ چيو ته لياري ۾ ڏوهاري گروپ سرگرم آهن. صوبائي حڪومت اتي پوليس ۽ رينجرز مقرر ڪئي آهي. هن وقت صورتحال تي ڪنٽرول آهي ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي. اسان ڪنهن کي به بدامني ڦهلائڻ جي اجازت نه ڏينداسين.
Categories: Sindhi News Tags:
اين ايف سي ايوارڊ تحت وفاقي حڪومت جو حصو گهٽ ڪري صوبن کي ضروري مالياتي خودمختياري ڏني وئي آهي: وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني
اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته قومي مالياتي ڪميشن، اين ايف سي ايوارڊ تحت وفاقي حڪومت جو حصو گهٽ ڪري صوبن کي ضروري مالياتي خودمختياري ڏني وئي آهي. وفاقي حڪومت صوبن جي لاءِ 10 کرب رپين کان وڌيڪ مخصوص ڪيا آهن. هن اها ڳالهه ڪالهه پارليامينٽ جي ميمبرن سان پارليامينٽ هائوس ۾ پنهنجي چيمبر ۾ ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت پنهنجن وسيلن جي باوجود جاري ترقياتي منصوبن کي پڄاڻي تي پهچائڻ لاءِ سمورن پارليامينٽ جي ميمبرن جي ضرورتن کي پورو ڪندي.
Categories: Sindhi News Tags:
وزيراعظم توانائي بحران جي حل لاءِ پي ايس او کي 41 ارب 40 ڪروڙ رپيا ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي
اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني توانائي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ فوري طور تي پاڪستان اسٽيٽ آئل کي 41 ارب 40 ڪروڙ رپيا فراهم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان ۾ 31 ارب 40 ڪروڙ رپيا ناڻي واري وزارت جڏهن ته 10 ارب رپيا پيپڪو فراهم ڪندي. ان ڳالهه جو فيصلو ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت ۾ ٿيل خصوصي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ سرڪلر ڊيٽ جي مسئلي جي حل تي غور لاءِ توانائي بابت ڪانفرنس ۾ ڪيل فيصلن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو. ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، ناڻي ۽ اقتصادي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، ناڻي وارو سيڪريٽري، پاڻي ۽ بجلي وارو سيڪريٽري، پيٽرولم ۽ قدرتي وسيلن وارو سيڪريٽري ۽ ايم ڊي پيپڪو اجلاس ۾ موجود هئا. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته سمورين ڌرين خاص طور تي صوبائي حڪومتن کي توانائي ڪانفرنس ۾ ڪيل واعدا پورا ڪرڻ گهرجن ۽ هو بجلي جون بقايائون ادا ڪن ته جيئن سرڪلر ڊيٽ کي گهٽ ڪري سگهجي. اجلاس ۾ پي ايس او کي بقايائون نه ملڻ سان پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور ڪيو ويو.
Categories: Sindhi News Tags:
وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني سان چيف آف آرمي اسٽاف جنرل اشفاق پرويز ڪياني جي ملاقات، ملڪ جي مجموعي امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني سان چيف آف آرمي اسٽاف جنرل اشفاق پرويز ڪياني وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪري ساڻس ملڪ جي مجموعي امن امان جي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جڏهن ته چيف آف آرمي اسٽاف وزيراعظم کي 17 جون کان چين جي شروع ٿيندڙ دوري جي حوالي سان پڻ آگاهي ڏني.
Categories: Sindhi News Tags:
اليڪشن ويجهو ايندي ئي گهڻن کي ڪالاباغ ڊيم ياد ايندو آهي ۽ پيٽ ۾ سور پوڻ شروع ٿيندو آهي، ٽن صوبن جي راءِ جو احترام نه ڪيو ويو ته پوءِ پاڪستان صرف پنجاب تائين محدود ٿي ويندو: ميمبر
اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) ۽ مسلم ليگ (ق) جي نڙي مان ڪالاباغ ڊيم جو ڦاٿل گرهه نه نڪتو، قومي اسيمبلي ۾ ڊيم جي حمايت ۾ راڳ آلاپڻ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته پيپلزپارٽي جي سنڌي ميمبرن ڪالاباغ ڊيم کي ٽي ڄنگهون ڪٽيل مرده گهوڙو قرار ڏيندي چيو آهي ته پنجاب مئل گهوڙي جي چوٿين ڄنگهه وڍي وڏي ڀاءُ هئڻ جو ثبوت فراهم ڪري، اليڪشن ويجهو ايندي ڪجهه ڌريون ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾ مهم شروع ڪري ڏينديون آهن. خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث دوران مسلم ليگ (ن) ۽ مسلم ليگ (ق) جي ميمبرن جو سڄو زور ڪالاباغ ڊيم جي تعمير تي رهيو، جڏهن ته پيپلزپارٽي جي سنڌي ميمبرن زوردار انداز ۾ ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪري ڇڏيو. مسلم ليگ (ن) جي ميمبر تسنيم صديقي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪندڙ ماڻهو صوبائي سياست مان ٻاهر نڪري اچن. هن چيو ته ملڪ اندر پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ٿي وئي آهي، ڀارت 62 ڊيم ٺاهي چڪو آهي، جڏهن ته وڌيڪ 10 ڊيم تعمير ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم جي مامري تي فني ماهرن جي ڪميٽي جوڙي وڃي، جيڪا انهي ڊيم جي فائدن ۽ نقصانن بابت سفارشون تيار ڪري. هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم تي جلد ڪم شروع ڪيو وڃي نه ته ايندڙ نسل اسان کي معاف نه ڪندو.
Categories: Sindhi News Tags:
بجيٽ تي تنقيد ڪرڻ بجاءِ پنهنجي راءِ ڏئي قوم جي رهنمائي ڪرڻ گهرجي، اڳوڻي حڪومت جي پاليسين سبب عالمي اداري وٽ وڃڻ تي مجبور ٿيا آهيون: حاجي لشڪري رئيساڻي
اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي بلوچستان جي صدر سينيٽر نواب حاجي لشڪري رئيساڻي چيو آهي ته بجيٽ تي تنقيد ڪرڻ بجاءِ پنهنجي راءِ ڏئي قوم جي رهنمائي ڪرڻ گهرجي، اڳوڻي حڪومت جي پاليسين سبب عالمي اداري وٽ وڃڻ تي مجبور ٿيا آهيون. آمريت جو ساٿ ڏيندڙ قوم کان معافي وٺن ۽ مستقبل لاءِ گڏجي قومي ايجنڊا تيار ڪئي وڃي. جيڪي ماڻهو اڄ تنقيد ڪري رهيا آهن اهي اقتصادي خرابين ۾ برابر جا حصيدار آهن. ڪالهه سينيٽ جي اجلاس ۾ بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر حاجي لشڪري رئيساڻي چيو ته مختصر وقت ۾ بجيٽ تيار ڪرڻ تي ناڻي واري وزير کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، اسان کي روايتي تنقيد ڪرڻ بجاءِ قوم جي صحيح طرح رهنمائي ڪرڻ گهرجي.
Categories: Sindhi News Tags:
5 ڪروڙ عوام جي پروگرام جو نالو ڪو به تبديل نه ٿو ڪري سگهي، اسان عوام کي فقير نه پيا بڻايون، سڀئي ميمبر سياسي وابستگين کان بالاتر ٿي عوام وٽ وڃي انهن جون مشڪلاتون گهٽائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن: فرزانه راجا
اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن وفاقي وزير فرزانه راجا چيو آهي ته 5 ڪروڙ عوام جي پروگرام جو نالو ڪو به تبديل نه ٿو ڪري سگهي، اسان عوام کي فقير نه پيا بڻايون، سڀئي ميمبر سياسي وابستگين کان بالاتر ٿي عوام وٽ وڃي انهن جون مشڪلاتون گهٽائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن، جيڪڏهن ڪو به ميمبر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام نه ٿو چاهي ته اسان کي اچي ٻڌائي، اسان پاڻ ان جي تڪ ۾ وڃي عوام جي خدمت ڪنداسين. 16 ضلعن ۾ غربت جاچڻ لاءِ پائليٽ سروي مڪمل ٿي چڪو آهي، جولاءِ کان فاٽا سميت سڄي پاڪستان ۾ سروي شروع ڪيو ويندو. اهڙو اظهار هن خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي ڪيو. فرزانه راجا چيو ته متوازن بجيٽ پيش ڪرڻ تي حڪومت مبارڪباد جي مستحق آهي. هن وقت جمهوري حڪومت دهشتگردي خلاف جنگ ۽ غربت، جهالت، مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف جنگ وڙهي رهي آهي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي دور ۾ عوامي ڀلائي تي ڀرپور ڌيان ڏنو، هاڻي صدر آصف علي زرداري عوام جي ڀلائي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪيو آهي،
Categories: Sindhi News Tags:
سينيٽ ۾ ايندڙ مالي سال تي بحث مڪمل، ناڻي ۽ روينيو جو وفاقي وزير اڄ بحث سهيڙيندو، بجيٽ تي بحث مجموعي طور تي 8 ڏينهن جاري رهيو
اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) سينيٽ ۾ ميمبرن ايندڙ مالي 11 – 2010ع تي بجيٽ تي بحث مڪمل ڪري ورتو، اڄ ناڻي ۽ روينيو واري وفاقي وزير بجيٽ بحث کي سهيڙيندو. بجيٽ تي مجموعي طور تي بحث 8 ڏينهن جاري رهيو. ڪالهه سينيٽ جي اجلاس ۾ ميمبرن بجيٽ تي بحث مڪمل ڪري ورتو، بجيٽ تي مجموعي طور بحث 8 ڏينهن جاري رهيو، اڄ ناڻي ۽ روينيو جي وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ بجيٽ تي بحث کي سهيڙيندو،
Categories: Sindhi News Tags: